ڪرونا ڇا آھي ۽ ان بابت آئون ڇا ٿو ڪري سگھان؟

ڪرونا ھڪ ننڍڙو جراثيم آھي (جنھن کي ظاھري طور اکين سان ڏسي نٿو سگھجي) جيڪو پکڙجي سگهي ٿو ۽ ماڻھن ۾ بيماري جو سبب بڻجي سگھي ٿو. ڪرونا جي ڪري زڪام وانگر محسوس ٿيندو آهي، جھڙوڪ خشڪ کنگهه، ساھه ۾ تڪليف، هلڪو بخار ۽ جسم ۾ سور وغيره. ڪرونا خاص ڪري ساھ کڻڻ واري سرشتي تي اثر انداز ٿيندو آھي، اڪثر ڪري انفيڪشن خطرناڪ نه ھوندو آھي پر اِھو نمونيا (ڦڦڙن تي شديد انفيڪشن) جو سبب بڻجي سگھي ٿو ۽ موتمار ثابت ٿي سگھي ٿو.

ڪورنا ڪنھن به ماڻھو کي ٿي سگھي ٿو وڏي عمر جا ماڻھو يا ٻيا جن کي پھرين کان ڪا بيماري آھي مثال طور ذيابيطس، ڪينسر يا ساھه ۾ ڪو تڪليف وغيره آھي ته انھن تي وڌيڪ اثر انداز ٿيڻ جا امڪان آھن.

ڪرونا ۾ مُبتلا ماڻھو جي ساھه کڻڻ، کنگھڻ، نڇ ڏيڻ يا کاڌو کائڻ دوران اھي جراثيم خارج ٿي پکڙجندا آھن. اھي جراثيم جسم ۾ ڪن، نڪ يا اکين جي ذريعي منتقل ٿيندا آھن. جسم ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اھي وڌڻ ۽ ٻين ڏي پکڙڻ شروع ڪندا آھن. ڪرونا جراثيم بنا ڪا علامت ظاھر ڪرڻ جي 14 ڏينھن تائين جسم ۾ رھي سگھي ٿو. تنھنڪري ماڻھن کي ڪرونا ٿيڻ جي خبر ئي نه پوندي آھي ۽ اُھي جراثيم کي ٻين ماڻھن ۾ منتقل ڪندا رهندا آھن.

ڪرونا کي ڪنھن جيوڙي مار دوا يا گھريلو ٽوٽڪي سان ماري نٿو سگھجي. ۽ جيستائين توھان تائين ڪو ويڪسين پھچي تيستائين توھان ڪرونا کان بچڻ لاءِ بار بار ھٿ ڌوئڻ ۽ ماڻھن سان غيرضروري ملڻ کان پرھيز ڪريو.ڪورونا کان بچاءُ لاءِ پنھجا ھٿ صابڻ ۽ پاڻي سان صاف ڪيو. جيڪڏھن ھٿ صاف آھن تڏھن به ڌوئڻ کپن. 20 سيڪنڊن تائين ھٿن کي زور سان نل مان ھلندڙ پاڻي ۾ صابڻ سان نھن، آگريون ۽ ھٿ جي تري صاف ڪيو. صابڻ ۽ پاڻي سان ھٿ ڌوئڻ سان ھٿن تي موجود جراثيم مري وڃي ٿو. کاڌو تيار ڪرڻ، غسل ڪرڻ، کاڌو کائڻ يا بيمار جي سارسنڀال ڪرڻ کان پھرين ھميشه ھٿن کي صاف ڪيو ۽ جانورن جي کاڌ خوراڪ يا گوبر صاف ڪرڻ ۽ کنگھڻ يا نڇ ڏيڻ کان پوءِ به ھٿن کي صاف ڪيو.

پنھجي ھٿن کي سُٺي طريقي سان ڌوئڻ کان پھرين وات، ڪن يا اک کي ھٿ لڳائڻ کان پرھيز ڪيو. اسان جا ھٿ مختلف شين کي لڳن ٿا جنھڪري جراثيم ھٿن کي چنبڙي پوندا آھن. آلوده ھٿ اسان جي ڪن، نڪ يا اکين جي ذريعي جراثيم کي جسم ۾ منتقل ڪري سگھن ٿا. انھي کان پوءِ جراثيم جسم ۾ داخل ٿي اسان کي بيمار ڪري سگھي ٿو.

اهو تمام ضروري آهي ته اسان اھڙي ماڻھو سان پري رھون جنھن کي بخار، کنگھ يا ساھ جي ڪا تڪليف ھجي. کنگھ يا نڇ اچڻ ووقت اسان کي پنھجي وات ۽ نڪ کي ٽشو يا پنھجي ٺونٺ سان ڍڪڻ گھرجي ۽ استعمال ٿيل ٽشو کي ترت اڇلائڻ گھرجي ۽ عام جاءِ تي ٿُڪڻ کان پرھيز ڪجي.

نڇ ڏيڻ يا کنگھڻ واري ماڻھو کان ھڪ ميٽر يعني 3 فٽن جي فاصلي تي رھو. ڪنھن به کنگھڻ يا نڇون ڏيڻ واري ماڻھو سان ملڻ کان پرھيز ڪيو.

جيڪڏهن توهان کي ڪنهن شخص جي خيال رکڻ جي ضرورت آهي جيڪو بخار، کنگھ ۽ ساھ جي تڪليف کي منھن ڏئي رھيو آھي ته توھان حفاظتي ماسڪ يا ڪپڙي وارو ماسڪ ۽ خاص طور تي، هٿ ڌوئڻ جي مشق کي نه وسارجو.

ڪرونا کان بچاءُ جو محفوظ طريقو اھو آھي ته اسان ماڻھن سان جسماني رابطي کان پرھيز ڪيون. ڪرونا يا ٻيا انھي قسم جا وائرس مانھن سا ھٿ ملائڻ ۽ پوءِ ھٿ اکين، وات يا نڪ تي ڏيڻ سان منتقل ٿيندا آھن. تنھنڪري ٻين سان ملڻ جي دوران انھن سان ھٿ ملائڻ يا ڀاڪر نه پائڻ گھرجي. مانھن سان ملڻ جي دوران پري کان ھٿ ھلائي يا پري کان جھڪي سلام ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏھن توھان سمجھو ٿا ته ڪرونا جا مريض توھان جي علائقي ۾ آھن ته ماڻھن سان ملڻ کان پرھيز ڪيو.

جيڪڏنھن توھان پنھجو پاڻ کي تندرست محسوس نٿا ڪيو ۽ ھلڪو مٿي ۾ سور ۽ نڪ وھي ٿو ته توھان پنھجي گھر ۾ رھو جيستائين توھان صحتياب نٿا ٿيو. جيڪڏنھن توھان خشڪ خنگھه، ساھه ۾ تڪليف، بخار ۽ جسم ۾ سور آھي ته اُھو ساھ جي سرشتي ۾ انفيڪشن جي ڪري ٿي سگھي ٿو ۽ انھي لاءِ توھان تُرت طبي امداد وٺو جيڪا مددگار ٿي سگھي ٿي

ڪرونا بابت ڪوڙا عقيدا ۽ افواھه تمام خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا ۽ ماڻھن کي ماري سگھن ٿا. مثال طور بليچ يا شراب جي واپرائڻ ڪرونا کان بچڻ جي بجاءِ نقصان ڏئي سگھن ٿا. ايستائين جو دوستن يا رشتيدارن جي ذريعي ملندڙ ڄاڻ به غلط يا نقصانڪار ٿي سگھي ٿي. فقط صحت کاتي جي رھنمائي حاصل ڪرڻ گھرجي يا صحت کاتي جي ڏنل ھدايتن تي عمل ڪرڻ گھرجي.

انھي معلومات کي پکيڙي توھان به ڪرونا جي خلاف جنگ جو حصو ٿي سگھو ٿا. مھرباني ڪري انھي معلومات کي پنھجي دوستن، رشتيدارن ۾ پکيڙيو، خاص ڪري واٽس ايپ جي ذريعي انھي پيغام کي عام ڪيو.

اِھو مواد آڊيوپڊيا پاران مُھيا ڪيو ويو آُھي جيڪا صحت بابت ڄاڻ کي عام ڪري ٻڌڻ لائق بڻائڻ جي عالمي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري ٿو. وڌيڪ معلومات جي لاءِ رابطو ڪيو. www.audiopedia.org

مواد جو ترجمو: کيمچند سنجو، ڪميونيڪيشن آفيسر، ٿرديپ ڳوٺاڻو ترقياتي پروگرام
مواد جو جائزو: سليم جوڻيجو، ڪوآرڊينيٽر ايم آي آر، ٿرديپ ڳوٺاڻو ترقياتي پروگرام